نوجوان ڪهاڻيڪار ممتاز مصطفيٰ دوست جي ڪهاڻين جا ڪيئي
موضوع نهايت دلچسپ آهن. سندس بيان ڪرڻ جي انداز ۾ جيتري سادگي آهي، ايتري ئي سچائي
به شامل آهي. هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ پنهنجي سماج جي اصل شڪل ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
هن جي ڪهاڻين ۾ زندگي جا سڀ رخ آهن. تازو سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”اٽي اجھي ۽ لٽي جي
ڳولا“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي، جنهن ۾ مان ۽ منهنجو پرين، دمادم مست قلندر، چونڊ
خط، ماءُ ٻه رخ، سوا لک، خواهش، ڪسٽمر سروس ۽ ٻين عنوانن سان ڪهاڻيون شامل آهن.
ڪنول پبليڪيشن قنبر طرفان ڇپرايل هي ڪتاب 128 صفحن تي ٻڌل آهي ۽ قيمت 200 رپيا رکي
وئي آهي.
Tuesday, 29 May 2018
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 comments:
Post a Comment