سنڌ جي ناليواري ليکڪا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ڪنهن
تعارف جي محتاج ناهي. هن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان ڪافي ڪم ڪيو آهي. هن سنڌي
ادب جي مختلف موضوعن تي 10 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپرايا آهن. تازو سندس نئون ڪتاب ”سنڌي ادب“
ايم سي ڪيوز معروضي سوالن ۽ جوابن تي ٻڌل آهي. هي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم
اي سنڌي، ليڪچرار، تحريري ۽ زباني امتحانن لاءِ خاص طور تي لکيو ويو آهي. ڪتاب جي
14 بابن ۾ اٽڪل 2 هزارن کان مٿي معروضي سوال ۽ جواب آهن. ليکڪا موجب ڪتاب سي ايس
ايس جي 2015ع جي تبديل ٿيل نئين نصاب مطابق آهي. 256 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب جي قيمت
350 رپيا رکي وئي آهي.
Showing posts with label ادب. Show all posts
Showing posts with label ادب. Show all posts
Tuesday, 29 May 2018
ادب, تحقيقي جرنل
راشد شر
00:38
سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جو ڇهه ماهي “سنڌي ٻولي“
(تحقيقي جرنل) ڊسمبر 2016ع جو شمارو پڌرو ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين،
ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، ڊاڪٽر ساجده پروين، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا ۽
ٻين جا مقالا شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جي ادارت ۾ نڪرندڙ هن تحقيقي جرنل ۾
گجرات ۾ سنڌي مضمون نويسيءَ جا 50 سال جي عنوان سان جائزو به ڏنل آهي. جڏهن ته
سنڌي لکت جا اصول ۽ تاريخ جو مختصر جائزو پيش ڪيو ويو آهي. 151 صفحن تي ٻڌل هن
جرنل جي قيمت 120 رپيا رکي وئي آهي.
Subscribe to:
Posts (Atom)

