مخدوم نظام الدين
”نظامي“ صديقي ۽ مخدوم محمد عالم ”عالم” صديقي جي شاعري جو مجموعو ”عشق جي عازي”
ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي. جنهن جو مرتب محمد ابراهيم راحم صديقي آهي. ٻن ڀاڱن تي
مشتمل هن ڪتاب ۾ ٻنهي شاعرن جي شاعري ڏني وئي آهي. لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ انهن
ٻنهي شاعرن ۽ ليکڪن جي حوالي سان قاضي مقصود گل، ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي ۽
ڊاڪٽر شمس الدين شائق گاد ڪجهه سٽون لکيون آهن. مهين جو دڙو پبلشنگ ايجنسي لاڙڪاڻو
پاران ڇپرايل هي ڪتاب 120 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت 150 رپيا رکي وئي آهي.
Monday, 28 May 2018
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 comments:
Post a Comment