نوان شامل ڪيل موضوع

Monday 3 September 2018

سنديءَ آس الله

راشد شر
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ پروفيسر مدد علي خواجه جو ڪتاب ”سنديءَ آس الله“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي. جنهن جا سهيڙيندڙ سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجه ۽ پروفيسر ڊاڪٽر امين خواجه آهن. مدد علي خواجه جون لکڻيون گھڻ موضوعاتي آهن. هن نج ڳوٺاڻا لف، محاورا ۽ تشبيهون خوبصورتي سان استعمال ڪيون آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ محمد علي مانجھي لکيو آهي. جڏهن ته ٻه اکر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جا لکيل آهن. ڪتاب ٻن ڀاڱن ۽ 240 صفحن تي ٻڌل آهي. جنهن جي قيمت 500 رپيا رکي وئي آهي.

Tuesday 29 May 2018

سنڌي ادب

راشد شر

سنڌ جي ناليواري ليکڪا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي. هن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان ڪافي ڪم ڪيو آهي. هن سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي 10 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپرايا آهن. تازو سندس نئون ڪتاب ”سنڌي ادب“ ايم سي ڪيوز معروضي سوالن ۽ جوابن تي ٻڌل آهي. هي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي، ليڪچرار، تحريري ۽ زباني امتحانن لاءِ خاص طور تي لکيو ويو آهي. ڪتاب جي 14 بابن ۾ اٽڪل 2 هزارن کان مٿي معروضي سوال ۽ جواب آهن. ليکڪا موجب ڪتاب سي ايس ايس جي 2015ع جي تبديل ٿيل نئين نصاب مطابق آهي. 256 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب جي قيمت 350 رپيا رکي وئي آهي.

سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل

راشد شر

سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جو ڇهه ماهي “سنڌي ٻولي“ (تحقيقي جرنل) ڊسمبر 2016ع جو شمارو پڌرو ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، ڊاڪٽر ساجده پروين، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا ۽ ٻين جا مقالا شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جي ادارت ۾ نڪرندڙ هن تحقيقي جرنل ۾ گجرات ۾ سنڌي مضمون نويسيءَ جا 50 سال جي عنوان سان جائزو به ڏنل آهي. جڏهن ته سنڌي لکت جا اصول ۽ تاريخ جو مختصر جائزو پيش ڪيو ويو آهي. 151 صفحن تي ٻڌل هن جرنل جي قيمت 120 رپيا رکي وئي آهي.

ٻڌمت

راشد شر

ننڍي کنڊ جي مذهبي ۽ ادبي تاريخ ۾ گوتم ٻُڌ کي اهم هيثيت حاصل آهي. جڏهن ته سنڌي شاعري ۾ به گوتم ٻُڌ هڪ آئيڊيل حوالو رهيو آهي. سندس پيغام تمام گھڻو شايع ٿيو آهي. هي ڪتاب “ٻڌمت” سٺا سوال ۽ سٺا جواب، گوتم ٻُڌ جي فلسفي تي سوال جواب ذريعي آسان ڇنڊ ڇاڻ آهي. ليکڪ ايس ڌميڪا آهي. جڏهن ته سنڌيءَ ۾ ترجمو دُرجان ڪيو آهي. ڪنول پبليڪيشن قمبر پاران ڇپرايل هي ڪتاب 144 صفحن تي ٻڌل آهي ۽ قيمت 200 رپيا رکي وئي آهي.

اٽي اجھي ۽ لٽي جي ڳولا

راشد شر

نوجوان ڪهاڻيڪار ممتاز مصطفيٰ دوست جي ڪهاڻين جا ڪيئي موضوع نهايت دلچسپ آهن. سندس بيان ڪرڻ جي انداز ۾ جيتري سادگي آهي، ايتري ئي سچائي به شامل آهي. هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ پنهنجي سماج جي اصل شڪل ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن جي ڪهاڻين ۾ زندگي جا سڀ رخ آهن. تازو سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”اٽي اجھي ۽ لٽي جي ڳولا“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي، جنهن ۾ مان ۽ منهنجو پرين، دمادم مست قلندر، چونڊ خط، ماءُ ٻه رخ، سوا لک، خواهش، ڪسٽمر سروس ۽ ٻين عنوانن سان ڪهاڻيون شامل آهن. ڪنول پبليڪيشن قنبر طرفان ڇپرايل هي ڪتاب 128 صفحن تي ٻڌل آهي ۽ قيمت 200 رپيا رکي وئي آهي.

Monday 28 May 2018

عشق جي آزي

راشد شر


مخدوم نظام الدين ”نظامي“ صديقي ۽ مخدوم محمد عالم ”عالم” صديقي جي شاعري جو مجموعو ”عشق جي عازي” ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي. جنهن جو مرتب محمد ابراهيم راحم صديقي آهي. ٻن ڀاڱن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ ٻنهي شاعرن جي شاعري ڏني وئي آهي. لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ انهن ٻنهي شاعرن ۽ ليکڪن جي حوالي سان قاضي مقصود گل، ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي ۽ ڊاڪٽر شمس الدين شائق گاد ڪجهه سٽون لکيون آهن. مهين جو دڙو پبلشنگ ايجنسي لاڙڪاڻو پاران ڇپرايل هي ڪتاب 120 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت 150 رپيا رکي وئي آهي.

سنڌ جي مڪاني حڪومتن جو قانون 2013ع

راشد شر

سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڪتاب ”سنڌ جي مڪاني حڪومتن جو قانون 2013ع“ (ترميم ٿيل ڇاپو) ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي، جنهن جو ترجمو ڪندڙ عرض محمد بوزدار آهي، جيڪو سنڌ سول سروسز اينڊ لوڪل گورنمينٽ اڪيڊمي ٽنڊوڄام جو انسٽرڪٽر آهي. ليکڪ موجب ترجمي دوران هن قانون ۾ استعمال ٿيل انگريزي جا لفظ پڻ شامل ڪيا ويا آهن ۽ بابن جا عنوان سنڌي سان گڏ انگريزي ۾ به ڏنا ويا آهن. 240 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ 17 باب شامل آهن.سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڪتاب ”سنڌ جي مڪاني حڪومتن جو قانون 2013ع“ (ترميم ٿيل ڇاپو) ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي، جنهن جو ترجمو ڪندڙ عرض محمد بوزدار آهي، جيڪو سنڌ سول سروسز اينڊ لوڪل گورنمينٽ اڪيڊمي ٽنڊوڄام جو انسٽرڪٽر آهي. ليکڪ موجب ترجمي دوران هن قانون ۾ استعمال ٿيل انگريزي جا لفظ پڻ شامل ڪيا ويا آهن ۽ بابن جا عنوان سنڌي سان گڏ انگريزي ۾ به ڏنا ويا آهن. 240 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ 17 باب شامل آهن.