سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جو ڇهه ماهي “سنڌي ٻولي“
(تحقيقي جرنل) ڊسمبر 2016ع جو شمارو پڌرو ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين،
ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، ڊاڪٽر ساجده پروين، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا ۽
ٻين جا مقالا شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جي ادارت ۾ نڪرندڙ هن تحقيقي جرنل ۾
گجرات ۾ سنڌي مضمون نويسيءَ جا 50 سال جي عنوان سان جائزو به ڏنل آهي. جڏهن ته
سنڌي لکت جا اصول ۽ تاريخ جو مختصر جائزو پيش ڪيو ويو آهي. 151 صفحن تي ٻڌل هن
جرنل جي قيمت 120 رپيا رکي وئي آهي.
Tuesday, 29 May 2018
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 comments:
Post a Comment